ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ مسافر ٽرين جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ ٻئي ڏينهن به يرغمالين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اڱاري جي ڏينهن اٽڪل 50 هٿياربندن ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ۽ جعفر ايڪسپريس تي راڪيٽن سان حملو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ ٽرين ۾ 400 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.
You might also like