اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام جي قسط جي جاري ٿيڻ لاءِ ڳالهيون اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، جڏهن ته ايف بي آر اختيارين 605 ارب رپين جي شارٽ فال بابت تفصيل آءِ ايم ايف کي فراهم ڪري ڇڏيا.
ناڻي واري وزارت، ايف بي آر ۽ توانائي شعبي جي عملدارن گذريل هفتي پنهنجي، پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ آءِ ايم ايف کي پيش ڪئي، جن تي اڄوڪي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف پنهنجو ردعمل ڏيندو.
ناڻي واري وزارت ڪرنٽ اڪائونٽ، مالي خسارو ڪنٽرول ڪرڻ ۽ عالمي فنڊنگ تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته اقتصادي سڌارن ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي وڌائڻ بابت به تفصيل مهيا ڪيون ويون.
ايف بي آر اختيارين 605 ارب رپين جي ٽيڪس شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جون تجويزون به آءِ ايم ايف کي فراهم ڪري ڇڏيون، جڏهن ته رئيل اسٽيٽ، پراپرٽي، بيوريجز، ۽ تماڪ واري شعبي لاءِ رعايت جي تجويز به بحث هيٺ رهي.
ان کانسواءِ ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته رٽيل سيڪٽر سميت مختلف شعبن مان 250 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي وئي.
پيٽروليم ۽ توانائي واري وزارت جي عملدارن آءِ ايم ايف وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته توانائي شعبي ۾ گردشي قرض گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪمرشل بينڪن کان 1250 ارب رپيا 10.8 سيڪڙو سالياني وياج تي قرض ورتو ويندو.
اجلاس دوران آءِ ايم ايف وفد کي گردشي قرض، بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي، ريڪوري ۽ لائين لاسز گهٽائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض قسط جاري ڪرڻ بابت ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل
You might also like