ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم عمرو ادا ڪري ورتو.
بابر اعظم پنهنجي ڀاءُ سفير اعظم سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي، بابر جي ڀاءُ مسجد الحرام ۾ افطاري جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي آهي.
بابر اعظم جا مداح کيس عمري جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪباد ڏئي رهيا آهن ۽ گڏوگڏ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته بابر اعظم 15 مارچ تي واپس اچي نيوزيلينڊ خلاف سيريز جون تياريون شروع ڪندو، هو ڪيويز خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو حصو آهي.
You might also like