ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صحفيه جبار پنهنجي سڀني سوشل ميڊيا اڪائونٽن کي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صحيفه جبار انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪندي اعلان ڪيو ته تمام جلد مان سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان پنهنجو نالو نشان مِٽائي ڇڏينديس، اڄ مان ڪاميابي سان فيس بڪ اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي، اميد ٿي ڪيان ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن مان سوشل ميڊيا تي پنهنجي موجودگي سان سمورا نشان مٽائي ڇڏينديس.
هن چيو ته هر اهو بي وقوفاڻو ۽ غير سنجيده انٽرويو، جيڪو مان ڪڏهن ڏنو هو ۽ هر اهو فوٽو شوٽ جيڪو مون کي ڪڏهن پسند نه آيو ۽ هر اهو پراجيڪٽ جنهن ۾ منهنجي دل ڪڏهن به نه هئي، انهن سڀني تي مون کي شرمندگي ٿيندي آهي، گڏوگڏ مان هن انڊسٽري جي ڏنل نعمتن تي شڪرگذار به آهيان.
Next Post
You might also like