حڪومت پورٽ قاسم ايراضي اسڪينڊل جو نوٽيس ورتو، 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين جي اسڪينڊل جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ وزيراعظم طرفان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
سينيٽر فيصل واوڊا پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو هو، وفاقي حڪومت ميگا اسڪينڊل سامهون اچڻ تي نوٽيس ورتو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين ننڍي ۽ وچولي انڊسٽريل پارڪ لاءِ ڏني وئي آهي، زمين جي ليزنگ ۾ مالي بي ضابطگين جي جاچ 3 رڪني ڪميٽي ڪندي.
وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن جو چيئرمين ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ بي ۽ ايف آءِ اي جا ڊائريڪٽر جاچ ڪميٽي جو حصو هوندا.
ڪميٽي ليز رد ڪرڻ خلاف منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانوني حڪمت عملي جو جائزو وٺندي، ان کانسواءِ پورٽ قاسم اٿارٽي بورڊ طرفان فريادي سان آئوٽ آف ڪورٽ ٺاهه جي عملن جي جاچ ٿيندي، جڏهن ته ڪميٽي ٺاهه سميت ٻين سڀني قانوني معاملن جو جائزو وٺندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.