دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽرافي کٽي ورتي.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنس ٺاهيون، جڏهن ته ڀارت 49هين اوور ۾ 6 وڪيٽن تي هدف حاصل ڪري ورتو.
نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 57 رنسن تي ولي ينگ جي صورت ۾ ڪِري، جنهن کي ورون چڪرورٿي آئوٽ ڪيو. 69 رنسن تي راچن رويندرا ڪلديپ يادو جو شڪار بڻيو، جڏهن ته 75 جي مجموعي اسڪور تي ڪين وليمسن به ڪلديپ يادو جي بال تي آئوٽ ٿي ويو.
ٽام ليٿم کي رويندرا جاڙيجا پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته گلين فلپس 34 رنسون ٺاهي ورون چڪرورٿي جو ٻيو جو شڪار بڻيو.
ڊيرل مچل 63 رنسون ٺاهي محمد شامي جي بال تي آئوٽ ٿيو. نيوزيلينڊ جي ستين وڪيٽ 239 تي ڪِري، جڏهن ته ڪپتان مچل سينٽنر 8 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.
ڀارت جي اننگز جو شاندار رهي، جتي روهت شرما ۽ شُبمَن گِل پهرين وڪيٽ لاءِ 105 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
گِل 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته روهت شرما 76 رنسن جي اننگز کيڏي.
ويرات ڪوهلي هڪ رنس ٺاهي سگهيو. شرياس اَئير 48، هاردِڪ پانڊيا 18 ۽ اَڪشر پٽيل 29 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته ڪي ايل راهول 34 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
نيوزيلينڊ طرفان مچل سينٽنر ۽ مائيڪل بريسويل 2-2 وڪيٽون ورتيون.
روهت شرما کي 76 رنسن جي اننگز تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته راچن رويندرا 4 ميچن ۾ 263 رنسون ۽ 3 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو اعزاز ماڻيو.
ڀارت ان کان اڳ 2002 ۾ سري لنڪا سان گڏيل طور فاتح رهيو هو، جڏهن ته 2013 ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي هئي.
You might also like