ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ناديا حسين جي مڙس عاطف خان کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڊفينس فيز 6 ۾ ماڊل ناديا حسين جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس مڙس عاطف خان کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ذريعن موجب عاطف خان 54 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي فراڊ ۾ ملوث آهي، مٿس ڪارپوريٽ مالياتي دوکيبازي جو الزام آهي، اها ڪارروائي نجي بينڪ سيڪيورٽيز جي گروپ هيڊ جي شڪايت تي ڪئي وئي.
عاطف خان نجي بينڪ سيڪيورٽيز جو اڳوڻو سي اي او هو، هن ذاتي ڪاروبار لاءِ بينڪ فنڊن جو غلط استعمال ڪيو، جوابدار مالي بدانتظامي لڪائڻ لاءِ ڪمپني رڪارڊ ۾ ڳڙٻر ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار فنانشل اسٽيٽمينٽس ۽ ٻيا جعلي دستاويز تيار ڪيا هئا ۽ فراڊ ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي جعلسازي ڪئي، وڌيڪ جاچ لاءِ سندس ٻن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي.
You might also like