نون وفاقي وزيرن کي قلمدارن سونپيا ويا، پرويز خٽڪ کي به اهم عهدو ملي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي نون ميمبرن کي وزارتن جا قلمدان سونپيا ويا، ڪابينا ڊويزن وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب، طارق فضل چوڌري کي پارليماني معاملن، علي پرويز کي پيٽروليم، جڏهن ته حنيف عباسي کي ريلويز جو وزير مقرر ڪيو ويو.
خالد مگسي کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، معين وٽو کي آبي وسيلن، محمد جنيد انور کي سامونڊي معاملن، رضا حيات کي دفاعي پيداوار ۽ شزه فاطمه خواجه کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سردار محمد يوسف کي مذهبي معاملن ۽ بين المسالڪ هم آهنگي، رانا مبشر اقبال کي پبلڪ افيئرز يونٽ ۽ مصطفيٰ ڪمال کي قومي صحت، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن جي وزارت ڏني وئي.
اورنگزيب خان ڪڇي کي قومي ثقافتي ورثي جي وزارت، مختار احمد ملڪ کي صحت جي مملڪتي وزير، طلال چوڌري کي گهرو ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول، وجيهه قمر کي وفاقي تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو.
ملڪ رشيد احمد خان کي خوراڪ ۽ زراعت، عبدالرحمان خانجو کي توانائي ۽ پبلڪ افيئرز، جڏهن ته عقيلي ملڪ کي قانون ۽ انصاف جو مملڪتي وزير بڻايو ويو.
بلال اظهر ڪياني کي ريلويز، ڪيسو مل کي مذهبي معاملن، محمد عون ثقلين کي اوورسيز پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو.
ان کانسوءِ سيد توقير حسين شاهه کي وزيراعظم جو صلاحڪار، محمد علي کي نجڪاريءَ جو صلاحڪار ۽ پرويز خٽڪ کي گهرو معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، هارون اختر کي صنعت ۽ پيداوار، حذيفه رحمان کي قومي ورثي ۽ ثقافت، مبارڪ زيب قبائلي معاملن، جڏهن ته طلحه برڪي سياسي معاملن بابت وزيراعظم جو خاص مددگار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.