ڪامورا، اهم شخصيتون ۽ سندن اولاد منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث؟ بچائڻ لاءِ جتن

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي هاءِ پروفائل مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، منشيات جي اسمگلنگ ۽ سپلائي ڪاروبار ۾ ملوث ساحر حسن کان جاچ ۾ اهم شخصيتن جا نالا شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن وقت تائين سئو کان وڌيڪ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي. پوليس جي جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته ساحر حسن جي جاچ ۾ ڪيترن ئي اهم شخصيتن جا نالا سامهون آيا، رپورٽ ۾ اهم شخصيتن جا نالا شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جاچ ذريعن موجب اسپيشل انويسٽيگيشن سيل اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل ڪيس کي آمدني جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، ساحر حسن ۽ ارمغان سان لاڳاپيل 100 کان وڌيڪ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي لکين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن. جاچ دوران مختلف ادارن جي آفيسرن، سياستدانن، شوبز سان لاڳاپيل نالا سامهون آيا. جاچ ذريعن موجب جاچ جي شروعات ۾ مختلف ادارن جي بيوروڪريٽس ۽ آفيسرن ۽ سندن ٻارن جا نالا به سامهون آيا آهن، جنهن ۾ 45 کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن جن جو تعلق ويڊ جي ڪاروبار سان آهي. جاچ رپورٽ مڪمل ٿيڻ تائين جوابدارن جو انگ 10 به ناهي. ڪراچي ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي ارمغان جي بئنڪ اڪائونٽن جي جاچ تيز ڪري ڇڏي. ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن سان به رابطو ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي اڪائونٽن جا تفصيل اچڻ بعد مني لانڊرنگ بابت جاچ ڪئي ويندي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 07 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.