اسلام آباد(عمران شفقت)حالتون ٻڌائين ٿيون ته اسٽيبلشمنيٽ ملڪي سياست ۾ مداخلت کان توبهه ڪندي مداخلت پروميڪس شروع ڪري ڇڏي آهي.پاڪستاني اسٽبلشمينٽ چاهي يا نه چاهي پر ان جا پاڪستان جي رياست ۽ قومي ضمير تي لڳايل زخم تڏهن ڀرجندا جڏهن اهو پنهنجي تجربن جو ملبو کڻندي.اسٽيبلشمنيٽ جي منشا هجي يا نه هجي ان کي جنرل باجوا کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو.اسان جا دوست شروع کان چون ٿا ته اڪيلي عمران خان کي سزا سان ڪجهه نه ٿيندو ڇو جو عمران اڪيلي سر ڪجهه ناهي ڪيو. اهو آيو نه هيو ان کي آندو ويو هيو ان کي قمر جاويد باجوا آندو هيو اها ڳالهه باجوا مختلف صحافين سان ڪندو رهيوآهي،مريم نواز جو سوال ته نوازشريف جو ڏوهه ڪهڙو هيو ان جو جواب قمر جاويد باجوا جي اها ڳالهه هئي ته نوازشريف قدآور ٿي ويوهيو.باجوا عرفان صديقي ۽ نديم اعجاز جي ڪري آرمي چيف ٿيو هيو. ٻئي پاسي عمر ايوب جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اگر ڪو صحافي يا عام سياستدان ڪر ي ها ته يا کيس گولي لڳي ها يا وري گم ٿي وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان اندر 12 حساس ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جن مان پنجن جو ڪم دهشتگردي ٿيڻ کان اڳ ان کي روڪڻ آهي،اها انهن جي ناڪامي آهي ڪوئي انهن جي ليڊرشپ ۽ آفيسرن کان پڇي ته اهي ناڪام ڇو ٿي ويا آهن.