اختر مينگل سميت 1800 ماڻهن خلاف ڪوڙا ڪيس،بلوچستان ۾ بي اين پي جا ڌرڻا

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي)بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سردار اختر جان مينگل،سردار زاده گورگين مينگل ۽ 1800 کان وڌيڪ سياسي سماجي واپاري اڳواڻن خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر خلاف بلوچستان ۾ اهم شاهراهن تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويا، ڪوئيٽا،  مستونگ، قلات، سبي، سوراب، خضدار، نال، وڍ، پنجگور، تربت، خاران، ڪيچ، دريجي، حب شهر سميت ٻين شهرن ۾ ڌرڻا هڻي ڪوئيٽا ڪراچي،آر سي ڊي هاءِ وي ۽ ڪوئيٽا تربت پنجگور روڊ ساڪران کان بند،شاهه نوراني دريجي روڊ تي به ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته حڪومت پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سياسي مخالفن کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان طرح جا غيرقانوني قدمن جو مقصدعوامي حق دٻائڻ ۽ سياسي دٻاءُ وجهڻ اهي،بي اين پي اڳواڻن چيو ته اسان ان طرح جي ناانصافين خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين،ان موقعي تي ملڪ نصير احمد شاهواڻي، واحد بلوچ، ايڊووڪيٽ طاهر شاهواڻي، محمد قاسم مينگل، محمد حسني، ملڪ بشير شاهواڻي، مقصود بلوچ، ڪامريڊ حميد بلوچ، آغا شڪيل شاهه،قدوس بلوچ، مير عبدالرئوف مينگل،مير منير ساسولي،مير شفيق مينگل، ماما نور محمد غلاماڻي، علي احمد شاهواڻي ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود هئا

ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ تائين ڌرڻا جاري رهندا:اختر مينگل

خضدار(ن ع آ)بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته ڪيسن ۾ ٻارن ۽ عورتن کي به نامزد ڪيو ويو آهي، حڪومت جي نااهلي عيان آهي،هڪ ئي ڏينهن ۾ هزارين ماڻهن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد رڳو ڌمڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي،هن چيو ته مان پنهنجي ساٿين سان گڏ وڍ ٿاڻي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کي گرفتاري ڏيڻ لاءِ ويٺو آهيان،پر پوليس نه اسان کي گرفتار پئي ڪري نه ئي ڪيس واپس وٺڻ لاءِ تيار آهي،هن چيو ته اسان ان وقت تائين ٿاڻي ۾ ويٺل رهنداسين جيستائين بوگس ڪيس ختم نٿا ڪيا وڃن،سمورا ڪيس بي بنياد آهن،ان ڪري ٽي ڪيس ختم ڪيا ويا آهن، چوٿون ڪيس واپس وٺڻ تائين اسان ڌرڻو جاري رکنداسين،ان ڪيس ۾ 600 ماڻهو نامزد ٿيل آهن،دهشت گردي جي شق به شامل آهي،هن احتجاج کانپوءِ پوري صوبي ۾ پارٽي جا اڳواڻ گرفتاريون ڏيندا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.