آمريڪا ۽ چين ۾ واپاري جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جو اگهه ساڍن ٽن سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو.
لنڊن برينٽ ڪروڊ جي قيمت 68 ڊالر 68 سينٽ في بيرل ٿي وئي، جيڪا آگسٽ 2021 کان گهٽ ترين سطح آهي، تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو سبب آمريڪا ۽ چين جي واپاري جنگ ۾ واڌ آهي.
چين 10 مارچ کان آمريڪا تي جوابي پابنديون لڳائڻ لاءِ تيار آهي ۽ گڏوگڏ اوپيڪ طرفان اپريل کان پيداوار وڌائڻ جي منصوبن تي خدشن سبب به اگهه گهٽيا آهن، خدشو آهي ته واپاري پابندين سان عالمي اقتصادي ترقي ۽ توانائي جي طلب ۾ گهٽتائي ايندي.
Next Post
You might also like