لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ جاءِ پڪي ڪئي ته ان کان ٿوري دير پوءِ ڪين وليمسن ۽ ڊيوڊ ملر پريس ڪانفرنس روم جي دروازي وٽ هڪٻئي سان ٽڪرائجي ويا.
وليمسن صحافين سان ڳالهائڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري رهيو هو، جڏهن ته ملر پنهنجو وارو اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هو. ٻنهي جون نظرون مليو ۽ مرڪي هڪٻئي ڀاڪر ۾ ڀريو، پوءِ وليمسن اتان هليو ويو، پر ملر جنهن جي چهري تي مايوسي چٽي نظر اچي رهي هئي اتي ئي بيٺو رهيو.
اها خوشگوار لمحي واري ڳالهه رڳو اتفاق نه هئي، پر ملر ان وقت پنهنجي دل جي ڳالهه به ڪري ڇڏي، جڏهن هن اعتراف ڪيو ته هو فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي حمايت ڪندو، هن ايمانداريءَ سان چيو، ”اِهو سچ آهي ته مان نيوزيلينڊ جي حمايت ڪندس.“
نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمن هميشه سٺن لاڳاپن ۾ رهيون آهن، پر هن ٽورنامينٽ ۾ ملر جي همدردي شايد ٻنهي ٽيمن جي ساڳي صورتحال مان گذرڻ سبب هئي.
گذريل هفتي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا ٻنهي پاڪستان کان دبئي جو سفر ڪيو ۽ وري واپس موٽيا.
نيوزيلينڊ ڇنڇر تي ڀارت خلاف پنهنجي آخري گروپ ميچ کيڏي ۽ سومر جي صبح لاهور واپس پهچي سيمي فائنل کيڏيو.
ڏکڻ آفريڪا، جيڪا ڇنڇر تي انگلينڊ خلاف کيڏي چڪي هئي. آچر تي ڪراچي کان دبئي لاءِ اُڏام ڀري ته جيئن سيمي فائنل جي تياري ڪري سگهي.
پر جڏهن صورتحال واضح ٿي ته خبر پئي ته کين اتي کيڏڻو ئي نه آهي، جنهن بعد آفريڪي ٽيم دبئي پهچڻ جي رڳو 12 ڪلاڪن اندر ئي واپس موٽي.
ملر وضاحت ڪندي چيو” اهو رڳو هڪ ڪلاڪ 40 منٽن جو سفر هو، پر رات دير سان ميچ کانپوءِ سفر ڪرڻ مثالي نه هو، اسان شام جو 4 وڳي دبئي پهتاسين ۽ صبح ساڍي ستين وڳي تي واپس موٽڻو پيو، اهو سٺو تجربو نه هو.“
ملر نيوزيلينڊ جي ڪاميابي تسليم ڪندي چيو ته اِها بهتر ٽيم هئي ۽ فتح جي حقدار هئي.
ميچ جي آخري لمحي ۾ ملر لاءِ صورتحال خوشي ۽ اداسيءَ جو امتزاج بڻجي وئي، جتي هن آخري بال تي 67 بالن تي سنيچري مڪمل ڪئي.
هن پنهنجي پنهنجي تازي ڄاول پٽ جي پيدائش جو جشن ملهايو، پر گڏوگڏ چيو ته”مان چاهيندس ته مان خراب کيڏان ها، پر ڏکڻ آفريڪا کٽي وڃي ها.“
هن وڌيڪ چيو” اسان وٽ سٺو بنياد هو، شروعاتي بيٽرن ففٽيون ٺاهيون، پر وچ ۾ ڪجهه وڌيڪ وڪيٽون وڃائي وياسين، ڪرڪيٽ ٽيم گيم آهي، هر ڪو پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڀارت خلاف ٻيهر فائنل کيڏڻ زبردست هجي ها، پر زندگي هميشه منصفاڻي ناهي هوندي، ٽرافي کٽڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي.“
ملر نيوزيلينڊ لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ضرور ڪيو، پر ڪنهن به اڳڪٿي کان پاسو ڪندي چيو ”ٻئي بهترين ٽيمون فائنل ۾ آهن. ڀارت گذريل ڪيتري عرصي کان بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، هنن وٽ غيرمعمولي رانديگر آهن. اهو هڪ زبردست فائنل ٿيندو.“
You might also like