ڪا مني بجيٽ نه ايندي: حڪومت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
ذريعن موجب قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي اختياريون شريڪ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر، آءِ ايم ايف کي 605 ارب رپين جو ٽيڪس شارٽ فال پورو ڪرڻ جي پلان کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪس وصولي جو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ ڪا مني بجيٽ نه ايندي.
ذريعن موجب شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلايا ويندا ۽ حڪومت عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ٽيڪس ڪيسن ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس پاڪستان به ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي جلد ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.