ڪرچي (ويب ڊيسڪ) اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ٺاهيندڙ چيني صنعتڪارن جي وفد سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
ملاقات دوران سنڌ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز متعارف ڪرائڻ ۽ ٽرانسپورٽ کي جديد بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
چيني وفد ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ پنهنجي ڪمپني جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٽرانسپورٽ سسٽمز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
شرجيل ميمڻ چيني صنعتڪارن کي سنڌ حڪومت طرفان سيڙپڪاري لاءِ سازگار پاليسيون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
هن وفد کي سنڌ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جو مينوفيچرنگ پلانٽ قائم ڪرڻ ۾ مڪمل سهڪار جي آڇ به ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت نوڪري ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي هڪ هزار اليڪٽرڪ اسڪوٽيز جلد فراهم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري سان نه رڳو صنعتي ترقي کي هٿي ملندي پر روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا.
Next Post
You might also like