پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد کي پشاور ايئرپورٽ تان سعودي عرب وڃڻ کان روڪيو ويو.
فيصل جاويد کي سعودي عرب جي فلائيٽ مان آف لوڊ ڪيو ويو، فيصل جاويد عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هو.
صحافين سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته هاءِ ڪورٽ مون کي عمري جي ادائيگي جي اجازت ڏني، هاءِ ڪورٽ منهنجو نالو پي اين آءِ ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، اڄ 3 وڳي منهنجي فلائيٽ هئي پر مون کي عمري تي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
هن چيو ته ايئرپورٽ تي مان پشاور هاءِ ڪورٽ جو آرڊر ڏيکاريو پوءِ به وڃڻ نه ڏنو ويو، ايف آءِ اي ايميگريشن عدالتي حڪمن جي توهين ڪئي آهي.
Prev Post
You might also like