حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي گلوڪارا ڪلپنا راگويندر مبينا طور تي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، حيدرآباد دکن ۾ رهندڙ گلوڪارا ٻن ڏينهن کان گهر کان ٻاهر نه نڪتي، جنهن تي پاڙيسرين ۽ سيڪيورٽي عملي پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس جڏهن دروازو ڀڃي اندر داخل ٿي ته ڪلپنا بيهوش حالت ۾ ملي، جنهن کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو.
ڊاڪٽرن موجب، گلوڪارا وڏي مقدار ۾ ننڊ جون گوريون کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، ڪلپنا جو مڙس واقعي جي اطلاع ملندي ئي چنائي کان حيدرآباد پهتو، جڏهن ته پوليس آپگهات بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس مڙس کان به پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته ڪلپنا راگويندر ڀارت جي مشهور گلوڪار ٽي ايس راگويندر جي نياڻي آهي، جنهن پنج ورهين جي عمر کان موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکيو.
هن 15 سئو کان وڌيڪ گيت ڳايا ۽ سڄي دنيا ۾ 3 هزار کان وڌيڪ شو ڪيا، کيس موسيقي جي دنيا جي وڏن نالن الائياراجا ۽ اي آر رحمان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻيا.
Prev Post
You might also like