راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته مخالف ڌر جي اتحاد بابت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان به عمران خان ڪجهه هدايتون ڏنيون آهن، جيڪي مان هن تائين تائين پهچائيندس.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان جي صحت بابت ڪيترائي افواهه پکيڙيا ويا، پر معمول جي طبي معائني کانپوءِ پتو پيو ته هو بلڪل ٺيڪ آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي سحري نه ڏيڻ ۽ عبادت کان روڪڻ جون خبرون به بي بنياد آهن.
سندس چوڻ هو عمران خان قوم جي خاطر جيل ۾ آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته ليڊر شپ حملا ڪندڙ ڀڳوڙا هوندا آهن ۽ عوام ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان کي پارٽيءَ سان ڪا به شڪايت ناهي، مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڳالهيون ٿيون آهن، جڏهن ته گذريل پنج مهينن کان سياسي ساٿين سان ملاقات نه ٿي ان حوالي سان به هدايتون ڏنيون ويون آهن.
سلمان اڪرم راجا وڌيڪ ٻڌايو ته جيل جي معاملن بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بيءَ پنهنجو وڪيل چوڌري ظهير عباس کي مقرر ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن وڪالت کي سياسي قد وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو، جنهن کي عمران خان جي ذميواري ڏئي ان کي سياست ڪرڻي کپي.
هن چيو ته نيازالله نيازي کي پي ٽي آءِ باني جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بشريٰ بي بيءَ پنهنجا چار فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته فيصل چوڌريءَ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سموريون پٽيشنون چوڌري ظهير عباس حوالي ڪري، اپوزيشن اتحاد بابت ڳالهيون ٿيون پر سمورا تفصيل نه ٻڌائيندس.
هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان بابت عمران خان ڪجهه هدايتون ڏنيون آهن، جيڪي مان هن تائين پهچائيندس.
سلمان اڪرم راجا اهو به چيو ته بئريسٽر سيف جي غير ذميواراڻي بيان بابت شيخ وقاص اڪرم کي چيو ويو آهي ته هو کائنس پڇاڻو ڪري ته اهڙو بيان ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي.
You might also like