کنڊ 170 رپيا في ڪلو ٿي وئي، ڊبل سينچري تي پهچڻ جو خدشو

لاهور (ويب ڊيسڪ) کنڊ جو وڌندڙ اگهه 170 تائين وڃي پهتو ۽ اها وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو آهي.
رمضان ۾ نيڪين بدران مال ڪمائڻ لاءِ کنڊ مافيا به سرگرم ٿي وئي، وزيراعظم طرفان کنڊ مهانگي ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ باوجود اگهه ۾ واڌ نه بيهجي سگهي.
کنڊ جو اگهه 170 في ڪلو تائين پهچي ويو آهي ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته ان جو وڏو سبب حڪومت جي ايڪسپورٽ پاليسي آهي.
پنجاب ڪريانه ايسوسيئيشن جي چيئرمين حافظ عارف گجر موجب حڪومت ڪنٽرول نه ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ کنڊ ڊبل سينچري ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته حڪومت طرفان کنڊ برآمد ڪرڻ جي پاليسي سان اگهه وڌيا، ملڪ مالڪن هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي، ذخيري اندوزن ۾ به هٿ وڌو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.