رمضان ايندي ئي ڪراچي ۾ لکين پينو فقيرن جي انٽري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان مهينو شروع ٿيندي ئي ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ لکين پينو فقيرن انٽري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته وڌيڪ پينن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي.
رمضان ۾ ڇو ته سخاوت معمول کان وڌي ويندي آهي، تنهن ڪري پينن لاءِ اهو مهينو ثواب کان وڌيڪ پيسو ڪمائڻ جو هوندو آهي ۽ هر سال رمضان ايندي ئي لکن جي انگ ۾ پينو به ڪراچي پهچي ويندا آهن، هن سال به ملڪ جي مختلف علائقن مان پيشيور پينو فقيرن ڪراچي جو رُخ ڪري ورتو آهي.
رپورٽن موجب هيل تائين تقريبن 3 لک کان وڌيڪ پينو شهر ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٽرينن، بسن ۽ پرائيويٽ گاڏين ذريعي پينن جي وڌيڪ آمد جو سلسلو جاري آهي.
پينو مافيا بازارن، روڊن ۽ فٽ پاٿن تي ديرا ڄمائي ورتا آهن، جيڪي حقدارن جو حق به ماري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.