ڪڪڙ جي گوشت جي اگهه عوام جا هوش اڏائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به منافعي خور نه مُڙيا ۽ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه آسمان تي پهچائي ڇڏيو.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت سڄي پنجاب ۾ جيئري ڪڪڙ جو اگهه 490 رپيا ڪلو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 850 کان 900 رپيا في ڪلو تي پهچي ويو.
ٻاڪرو ۽ ڳائو گوشت ته اڳ ئي عوام جي پهچ کان پري هو پر هاڻ ڪڪڙ جو گوشت به انهن جي پهچ ۾ ناهي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.