لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي جيل ۾ سحري ۽ افطاري ۾ ڪجهه نه ڏيڻ جو بيان رد ڪري ڇڏيو.
بيرسٽر سيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته جيڪو شخص منجهد 12 وڳي اٿي اهو روزو ڪيئن ٿو رکي سگهي؟ عمران خان کي هفتي ۾ 3 ڏينهن گوشت، سبزيون، داليون، چقندر جو جوس ملي رهيو آهي، کيس ڪافي، بوائل آنا ۽ خشڪ ميوا به ملندا آهن، بشريٰ بي بي کي به سڀ ڪجهه ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته پشاور ۾ ويٺل هڪ شخص خواب ڏٺو آهي ته سندس آقا کي جيل ۾ کاڌو نه پيو ملي، ٻه ڏينهن اڳ سندس جماعت جي ترجمان به عمران خان جي بيماري بابت ڪوڙ ڳالهايو.
سندس چوڻ هو ته پمز جي چئن سينيئر ڊاڪٽرن جي ٽيم اڌ ڪلاڪ عمران خان جو تفصيلي معائنو ڪيو آهي ۽ کيس مڪمل طور صحتمند قرار ڏنو آهي، پي ٽي آءِ وارن وٽ ڪجهه ناهي بچندو ته مظلوميت ۽ همدردي جو ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪندا آهن.
You might also like