ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم بي قابو، ٻن مهينن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ واقعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 2025 جي پهرين ٻن مهينن دوران اسٽريٽ ڪرائم جا 10 هزار کان وڌيڪ واقعا رڪارڊ ڪيا ويا.
پوليس موجب شهر ۾ ٻن مهينن دوران 10 هزار 356 واقعا رپورٽ ٿيا پر 2024 جي پهرين ٻن مهينن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال شرح 28.18 سيڪڙو گهٽ آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2025 جي پهرين ٻن مهينن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 10 هزار 356 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 12 شهري ڦر مزاحمت تي قتل ۽ 41 زخمي ٿيا.
پوليس موجب ٻن مهينن دوران 2806 شهرين کان موبائل فون کسيا ويا، جڏهن ته ان دوران شهر مان 306 گاڏيون، 7 هزار 244 موٽر سائيڪلون کسيون ۽ چوري ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.