پشاور (ويب ڊيسڪ) عدالت منشيات سمگلنگ ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 100 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
مقامي عدالت ۾ آئس ۽ هيروئن سمگل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حنا مهوش نامزد ٻن جوابدارن کي 100 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
جوابدارن تي درا آدم خيل ۾ ڪروڙين رپيا ماليت جي آئس ۽ هيروئن سمگلنگ جو الزام هو، جنهن تي عدالت کين 20 لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي.
سرڪاري وڪيل موجب جوابدارن 8 آگسٽ 2023 ۾ 1845 گرام آئس ۽ 8675 گرام هيروئن سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ذريعي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن.
You might also like