رمضان ۾ مهانگائي بي قابو،رياست ذخيرو ڪندڙن آڏو بي وس؟

اسلام آباد(حامد مير)رياست ذخيره اندوزن آڏو بيوس ڇو؟رمضان ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو،کنڊ ذخيرو ٿيڻ تي وزيراعظم اجلاس ڪوٺائي سخت وارننگ ڏيڻ لڳو،لاهور  ۾ جيو نيوز جي رپورٽ مطابق شهرين کير،ڏهي،ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن ۾ واڌ جون دانهون ڪيون آهن، 600 رپين واري کجور 900 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي،پشاور ۾ به بصر 80 کان 120،پٽاٽا 70 رپين مان  100،ٽماٽي جي اگهه ۾ به 30 رپين جي واڌ ٿي وئي،800 رپيا ڪلو وارو گوشت 1200 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي،ڪڪڙ جو گوشت به 50 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي،اسلام آباد ۾ کنڊ 155 مان 175 رپيا،کاڄرو تيل 570 رپيا في ليٽر ٿي ويو،ڪراچي ۾ به مهانگائي جو ساڳيو حال آهي،شهرين جو چوڻ آهي ته واپاري وحشي بڻجي ويا آهن، اسان جا مسلمان دڪاندار مغرب جي دڪاندران کان سبق وٺن، اسان کان سٺا ته هي يورپ وارا آهن جڏهن رمضان المبارڪ ايندو آهي ته هر شئي جو اگهه گهٽائي ڇڏيندا آهن، هتي وڏا واپاري ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏين ٿا، هنن چيو ته ضلعي انتظاميا رڳو اگهوتريون جاري ڪندي آهي،منافعي خورن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي، هر رمضان ۾ مهانگائي جو جن قابو ٿي ويندو آهي پر حڪومت پاران مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي ڳالهه ٺلهي دعويٰ ئي آهي،دڪاندارن جو موقف آهي ته اسان کي جڏهن شيون مهانگيون ملنديون ته مهانگي ئي وڪرو ڪنداسين،وزيراعظم جي صلاحڪار عقيل ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ غريبن لاءِ 5-5 هزار جي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي،رمضان بازارن ۾ پٽاٽي،بصر جا اگهه گهٽ ٿيا آهن،پنجاب ۾ وزيراعليٰ پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون به قائم ڪيون آهن،هن چيو ته اسان جي هر شعبي ۾ ڪاريون رڍون موجود هونديون آهن،واپارين ۾ به ڪاريون رڍون آهن،انهن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو،اسان ڏنڊي واري قوم آهيون،ڏنڊي کان بغير سڌا نه ٿينداسين،هن چيو ته جيستائين اسسٽنٽ ڪمشنر ڏنڊو کڻي ميدان ۾ نه نڪرندا  اگهن تي ڪنٽرول نه ٿيندو،تحريڪ انصاف جي ايم اين اي شاهد خٽڪ چيو ته ڪي پي ۾ اسان 20 هزار خاندانن کي 25 هزار رپين جو پئڪيج ڏئي رهيا آهيون،بحيثيت قوم اسان جي ذميواري آهي ته رمضان ۾ حرام خوري نه ڪريون،هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪارڪردگي جي لحاظ کان مقابلو آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ان حوالي سان خاموشي آهي،اهي مقابلي جي ڊوڙ ۾ شامل ناهن،هن چيو ته اسان جي پي ٽي آءِ مرڪزي سرڪار جڏهن ڪري ته ان ۾ کنڊ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو به ڪردار هو،

ايمانداري ۾ مسلمان پوئتي: رمضان ۾ عوام جي کل لاهڻ ۾ اڳڀرا

اسلام آباد (منيب فاروق) اولهه ملڪن ۾ مسلمانن جو تعداد گهٽ هجڻ باوجود اتي جي ماڻهن جو اخلاق، ايمانداري ۽ خلوص قابل تعريف  آهي. انهن معاشرن ۾ قانون جي پاسداري، ديانتداري ۽ سچائي جو وڏو قدر ڪيو ويندو آهي، جيڪو انهن جي سٺي سماجي نظام جو اهم حصو آهي. ان جي ابتڙ، اسان جي پنهنجي اسلامي معاشري ۾، جتي دين اسان کي سخاوت، ايمانداري، ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو، اتي ئي اسان انهن اصولن کان پري ٿيندا پيا وڃون. رمضان جهڙو بابرڪت مهينو، آهي پر افسوس سان چئجي ٿو ته هن ڀلاري مهيني کي منافعي خوري، ذخيرا اندوزي، ۽ چور بازاري جو وسيلو بڻايو ويو آهي. عوام جي کل لاهڻ لاءِ قيمتن ۾ اجائي واڌ ڪري انهن کي تڪليف ڏيڻ عام روش بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم توڻي پنجاب حڪومت حڪومت طرفان ڇاپا ۽ ڪارروايون ضرور ٿينديون آهن، پر بنيادي مسئلو معاشري جي اخلاقي تبديلي جو آهي.

وڏي وزير پاران هٿرادو مهانگائي ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ کاڌي پيتي جي اگهن جي ڪنٽرول بابت هڪ  اجلاس ڪالهه  وزير اعلي ھائوس ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ رمضان شريف جي مھيني ۾ صوبي ۾ رعائتي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير اختيارين کي ياد ڏياريو ته 2022 جو منافع خوري ٽوڙ ايڪٽ حڪومت کي اختيار ڏئي ٿو ته مارڪيٽ ۾ هيراڦيري کي روڪڻ لاءِ ذخيرو ٿيل سامان کي ضبط ڪري ۽ ان کي نيلام ڪيو وڃي،اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ،ناصر شاهه،ضياءُ الحسن لنجار،بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز جي خاص مددگار عثمان غني هنگورو،ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب،چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه،پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، سيڪريٽري زراعت سهيل قريشي ۽ بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز جي ڊي جي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سڄي صوبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪندي زور ڏنو ته هٿراڌو مهانگائي ۽ ذخيرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو،مراد علي شاهه، ڊويزنل ڪمشنرن ذريعي، ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ غير ضروري مهانگائي کي روڪڻ لاءِ باقاعدگي سان مارڪيٽن جو دورو ڪن. هن حڪم ڏنو ته قيمتن جون لسٽون فوري طور تي ڇپائي ۽ ورهايون وڃن ۽ رمضان ۾ اگهن تي عمل درآمد جي سختي سان نگراني ڪئي وڃي،گئس جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير رمضان المبارڪ دوران گئس، بجلي ۽ پاڻي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي جو مطالبو ڪيو. هن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ پاڻي جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته وزير توانائي ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو بجلي جي لوڊشيڊنگ کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ) سان رابطو ڪري. هڪ ٻي ملاقات دوران وڏي وزير ايڪسائيز واري وزير مڪيش چاولا کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ هلندڙ نان ڪسٽم پيڊ ۽ ٽيمپر ٿيل چيسس نمبر گاڏين کي ضبط ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي

 مهانگائي آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري، دوائون خريدڻ به مشڪل ٿي ويو

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار لطيف کوسا چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي ڪارڪردگيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، سندس حڪومت ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، دوائون خريد ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته ماڻهو ڪارن کان موٽرسائيڪلن تي آيا آهن، جيڪڏهن انهن خلاف ڪا خبر پوندي ته ان کي جعلي خبر قرار ڏئي پيڪا ايڪٽ لاڳو ڪندا.

مهانگائي گهٽجي ڏيڍ سيڪڙو ٿي اچي وئي، حڪومت خوش

اسلام آباد (م ڊ)  حڪومتي رپورٽ موجب پاڪستان جي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، فيبروري 2025 ۾  مهيني جي بنياد تي مهانگائي گهٽجي 1.51 سيڪڙو رهي، بروڪريج فرم ٽاپ لائنز سيڪيورٽيز موجب اها ساڍا 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، مهانگائي مارڪيٽ جي اميدن کان وڌيڪ گهٽجي وئي، مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن دوران سراسري مهانگائي جي شرح 5.85 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ 27.96 سيڪڙو هئي، شماريات بيورو موجب شهري علائقن ۾ سالياني بنيادن تي جن کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، انهن ۾ دال مڱ (32.65 سيڪڙو)، بيسڻ (28.97 سيڪڙو)، چڻن جي دال (25.40 سيڪڙو)، آلو (22.88 سيڪڙو)، تازا ميوا (21.55 سيڪڙو)، مکڻ (21.12 سيڪڙو) ۽ خشڪ کير (20.58 سيڪڙو) ۽ گوشت 18.59 سيڪڙو شامل آهي، اهڙي طرح دوائون ۽ ڪپڙو به مهانگو ٿيو آهي، ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي اقتصادي ٽيم جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏيندي چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي خوشخبري آهي، معاشي اشارا هر گذرندڙ ڏينهن سان بهتر ٿي رهيا آهن، معيشت ۾ مسلسل بهتري محنت ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، اميد آهي ته مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، هوڏانهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن شرط لڳايو هو ته ملڪي معيشت بهتر نه ٿيندي، هڪ سياسي پارٽي پاڪستان خلاف آءِ ايم ايف کي خط به لکيا، پر اڄ معيشت جا سمورا اشارا هاڪاري وڃي رهيا آهن، اڄ پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پوري قوم آڏو پيش ڪنداسين، انگ اکر ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن، ڪوڙا نعرا، ڪوڙا الزام ۽ ويڙهه ڪرڻ ڪير به نه چاهيندو آهي، پاڪستان جو عوام چاهي ٿو ته مهانگائي ڪيئن گهٽ ٿئي ۽ اڄ ڏٺو وڃي ته مهانگائي گهٽجي ۽ بهتر ٿي رهي آهي.

سنڌ سرڪار جو منافعي خورن خلاف ايڪشن،3 دڪاندار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار جو منافعي خورن خلاف سخت ايڪشن، ڪراچي ۾ 3 منافعي خور گرفتار، 40 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.  ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي بيورو آف سپلاءجي خاص مددگار عثمان غني هنڱورو ڪراچي جي مختلف بازارن جو اوچتو دورو ڪيو ۽ بيورو آف سپلائي کاتي جي آفيسرن سان گڏ مختلف بازارن جو دورو اوچتو دورو ڪيو ۽ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون معلوم ڪيون. عثمان غني هنڱورو وڌيڪ قيمتون وٺندڙ دڪاندارن جا فوري چالان ڪرايا، جڏهن ته ڪڪڙ ۽ گوشت مهانگو وڪرو ڪرڻ تي 3 دڪاندار گرفتار ڪيا ويا ۽ 20 کان وڌيڪ هنڌن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار عثمان غني هنگورو جو چوڻ هو ته عوام کي سرڪاري اگهن تي شيون نه ڏيڻ تي منافعي خورن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.