اسلام آباد(ع آ نيوز) آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي معاشي جائزي لاءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان جي رئيل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪس چوري جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن تي پاڪستان رئيل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ پهرين معاشي جائزي تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. ۽ 7 ارب ڊالر قرض پروگرام جي ايندڙ قسط حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون 15 مارچ تائين جاري رهنديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. پاڪستان آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته ريئل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي کي فعال ڪيو ويندو. ملڪيت جي ناقص قيمت تي قيد ۽ ڏنڊ ۽ نان رجسٽري ايجنٽن کي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. اهڙي طرح ريئل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي کي به 3 سال قيد جي سزا ڏيڻ جو اختيار ملي سگهي ٿو.