فيفا پاڪستان جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا پاڪستان فٽبال فيڊريشن ( پي ايف ايف) جي معطلي ختم ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، فيفا پاڪستان فٽبال فيڊريشن کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پي ايف ايف نارملائيزيشن ڪميٽي جي رڪن شاهد کوکر فيفا طرفان معطلي ختم ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پي ايف ايف ڪانگريس طرفان آئيني ترميمون منظور ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي معطلي ختم ڪئي آهي.
شاهد کوکر جو چوڻ هو ته پي ايف ايف ڪانگريس جي اجلاس ۾ آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ معطلي ختم ٿي، پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي مسلسل حمايت تي فيفا ۽ اي ايف سي جا ٿورائتا آهيون.
ياد رهي ته گذريل مهيني فيفا پي ايف ايف ڪانگريس طرفان چونڊ سڌارن لاءِ آئيني ترميمون منظور نه ٿيڻ تي پي ايف ايف جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.