مسلسل لاٿ بعد سون اگهه ۾ سوين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾مسلسل لاٿ کانپوءِ اڄ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 15 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک هڪ هزار 5 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئشن موجب، ڏهه گرام سون 1286 رپيا واڌ بعد 2 لک 58 هزار 487 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون جي قيمت 12 ڊالر اضافي کانپوءِ 2 هزار 8 سئو 69 ڊالرز ٿي ويئ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.