نيوزيلينڊ جو دورو، بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي.
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سندس ون ڊي ٽيم ۾ شموليت بابت اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم 12 مارچ تي نيوزيلينڊ رواني ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 16 مارچ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 29 مارچ کان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.