لاڙڪاڻو/ ڏوڪري/خير محمد آريجا ( نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ بدامني جي باهه ڦورن پوليس اھلڪار کي به بخش نه ڪيو، مزاحمت تي گوليون ھڻي پوليس اھلڪار کي شھيد ڪري ڇڏيو، باقراڻي ٿاڻي جي حد ڪنبي لاڙي وٽ پگهار وٺي گهر ويندڙ پوليس اهلڪار کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي ڦورن پاران گوليون هڻي پوليس اهلڪار رفيق احمد شيخ کي زخمي ڪيو ويو، پوليس اھلڪار کي علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.