درياهه ۽ ڌرتي بچائڻ لاءِ فيصلائتي جدوجهد ڪرڻي پوندي:ساڃاهه وند

ڪراچي اوڀر (ن ع آ  )ڪراچي بلاول شاھ نوراني ڳوٺ ۾ سول سوسائٽي پاران جسقم آريسر جي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٿيندڙ سکر کان ڪراچي تائين پنڌ لانگ مارچ جي پانڌيئڙي حنيف سولنگيءَ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي. آيل دوستن حنيف سولنگي کي گلن جا هار وڌا ۽ سنڌ  جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍايو. تقريب ۾ سنڌي حسين ڏاهري، ڪامريڊ شبير سولنگي، وڪيل بشير احمد منگي، محمد ايوب سولنگي،عبدالله شيخ، علي بگٽي،ذوالفقار ميراڻي،اسلم کٽياڻ، نور حسين ڏاهري، عبدالسميع سولنگي، نعيم سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مقررن جو چوڻ ھو ته پنجاب جي غيرآباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو مان ڇهھ غير آئيني ڪئنال ڪڍڻ جو ڪم ترت بند ڪيو وڃي. هنن چيو ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي لاڳيتو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي آھي،گرين پاڪستان انيشيٽو تحت سنڌ جي لکين ايڪڙ ايراضي تي والار ڪئي پئي وڃي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانڀاها ٿي رهيا آھن. سندن چوڻ ھو ته هاڻي وقت اچي ويو آھي ته پنهنجي درياھ ۽ ڌرتي بچائڻ لاءِ فيصلائتي جدوجهد ڏانهن وڌون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.