ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار نيل نتن مڪيش وضاحت ڪئي آهي ته 2009ع واري فلم فيئر ايوارڊز دوران شاهه رخ خان سان ٿيل ڳالهه فقط شو جو حصو هئي.
ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا کان پڇيو ويو ته ڇا هن واقعي شاهه رخ خان کي ”شٽ اپ“ چيو هو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هو پنهنجي سينيئرن جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهي، خاص طور شاهه رخ خان جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته اهو رڳو شو جو حصو هو، ان کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي.
واضح رهي ته 2009ع جي فلم فيئر ايوارڊز دوران شاهه رخ خان شو جي ميزباني ڪري رهيو هو، اداڪار جي نالي تي طنز ڪندي چيو ته هو ته سندس نالي ۾ سڀ نالا آهن، پر سرنيم ڪٿي آهي؟
جنهن تي نيل جواب ڏنو ته اِها ڳالهه مون لاءِ توهين جوڳي آهي، منهنجو پيءُ به هتي ويٺو آهي، منهنجو خيال آهي ته سڀني کي چپ رهڻ گهرجي.
نيل نتن مڪيش تازو فلم ”حساب برابر“ ۾ نظر آيو فلم ڪاسٽ ۾ آر ماڌون، ڪرِتي ڪهلاري ۽ ٻيا شامل هئا.
You might also like