رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت عمري لاءِ ايندڙ زائرين جي صحت جي تحفظ لاءِ ”صحتمند زندگي“ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي.
وزارت جي هدايتن موجب، عمري لاءِ ايندڙ زائرين کي حفاظتي ٽڪا لڳرائي اچڻ گهرجن ته جيئن وبائي بيمارين کان محفوظ رهي سگهن.
سعودي صحت واري طرفان عمري جي سفر کان 10 ڏينهن اڳ گڙدن ٽوڙ بخار جي ويڪسين لڳرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اها ويڪسينيشن زائرين کي وبائي بيمارين کان محفوظ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ان سان گڏوگڏ موسمي بخار ۽ انفلوئينزا کان بچاءِ لاءِ به ويڪسين ڪرائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ پيرسن ۽ مريض زائرين کي عمري کان ٻن هفتن اڳ حفاظتي ويڪسينيشن ڪرائڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ويڪسين ڪرائڻ سان زائرين صحتمند رهي پنهنجي عبادت آرام سان ڪري سگهن ٿا ۽ ڪنهن به پريشاني کان محفوظ رهندا.
You might also like