4457 ارب رپين جو ٽيڪس روينيو ملڪي عدالتن ۾ ڦاٿل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مختلف عدالتن ۾ 1 لک 8 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، جن ۾ گڏيل طور تي 4457 ارب رپيا ڦاٿل آهن، جنهن سبب ملڪي آمدنيءَ جي وصولي ۽ معاشي استحڪام کي سخت متاثر ٿي رهيو آهي. .
اِهو انڪشاف 7 نومبر 2024 تي چيف جسٽس آف پاڪستان يحى آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٿيل سپريم ڪورٽ جي اجلاس دوران ٿيو، جنهن کان پوءِ ٽيڪس معاملن جي حل لاءِ هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وئي.
اجلاس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ناڻي وزارت جي عملدارن ٽيڪس ڪيسن جي وڌندڙ انگ بابت تفصيل پيش ڪيا.
سرڪاري ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ ۾ ئي 6 هزار ٽيڪس بابت ڪيس التوا هيٺ آهن، جن ۾ اربين رپين جون اوڳاڙيون شامل آهن.
ان کانسواءِ مختلف ٽربيونلز ۽ عدالتن ۾ اٽڪل 2 هزار ڪيس اڃا تائين حل طلب آهن، جتي اسٽِي آرڊرن سبب سالن کان ڪيس نبيرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.
وقت سر مسئلا حل نه ٿيڻ سبب نه رڳو قانوني رنڊڪون پيدا ٿي رهيون آهن، پر ٽيڪس وصوليءَ جون ڪوششون پڻ متاثر ٿيون آهن، جنهن سبب قومي خزاني کي مالي نقصان پهچي رهيو آهي.
سپريم ڪورٽ ان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي معاملي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن کي ٽيڪس لاڳاپيل معاملن ۾ دير جو سبب ڳولي، رنڊڪن جي نشاندهي ڪري ۽ تڪرارن جي تڪڙي حل لاءِ تجويزون ڏيڻ جي ذميواري سونپي وئي.
ڪميٽي ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سليم خان، عاصم ذوالفقار، شير شاهه خان، ڊي جي لا ايف بي آر اشتياق احمد خان ۽ ٽيڪس ماهر امتياز احمد خان شامل آهن.
انهيءَ حوالي سان ڪميٽي سمورن اهم اسٽيڪ هولڊرز، جن ۾ ايف بي آر، سپريم ڪورٽ بار، پنجاب ٽيڪس بار ايسوسيئيشن، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين ڪاروباري ادارن جي نمائندن سان صلاح مشورا ڪيا.
اجلاس ۾ موجود عملدارن نشاندهي ڪئي ته عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيسن جي وڏي انگ ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب خاص روينيو بئنچز جو نه هجڻ آهي، جنهن سبب اِهي ڪيس تڪڙي نبيرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.