ڪئنالن جي حمايت ناهي ڪئي، غلط تاثر ڏنو ويو: نويد قمر

جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد جکراڻي ۾ جوابدار صلاح عرف صلاحو گلواڻي نوجوان عبدالقدير گلواڻي جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ جوابدارن بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش علي جکراڻي ۾ پهچي عورت ضميران کي گوليون هڻي قتل ڪيو واردات ڪرڻ کانپوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا آهن، اطلاع تي صدر ۽ بقا محمد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا مقتول عبدالقدير گلواڻي ۽ مقتولڻ ضميران جو لاش ڌار ڌار سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ بقا محمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته مقتولڻ عورت جي ڏير جوابدار صلاح عرف صلاحو گلواڻي ۽ مقتولڻ جو مڙس جوابدار صالح عرف ببرڪ عرف ڏاڏو گلواڻي گهر ۾ ويٺل عورت ضميران کي قتل ڪيو آهي جاچ ۾ پتو پيو ته جوابدارن پهريان صدر ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان عبدالقدير گلواڻي جکراڻي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ گهر اچي عورت کي قتل ڪيو عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ صدر پوليس ٻڌايو ته نوجوان عبدالقدير گلواڻي جکراڻي کي جوابدارن قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي واقعي جو ڪيس ٻنهي ٿاڻن تي ڌار ڌار داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.