ڪئنالن خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ميرپوربٺورو/جهوڪ شريف/سجاول (نمائندا) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران مختلف شهرن ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرا، خبر موجب جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سنڌو درياءَ مان ڏاڍ ذريعي ڪئنال ڪڍڻ خلاف ميرپوربٺورو ۾ ايڊووڪيٽ دائود زئور،محرم ٺاراڻي اسرار زئور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي ٻئي طرف جاتي چوڪ اسٽاپ تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ الطاف کوڙ، سجاد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ پرهياڙ پيٽرول پمپ کان جاتي چوڪ اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي احتجاجن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاق سنڌو دريا هه۽ سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ  لاءِ ڪئنال ٺاھي سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر ڪرڻ چاھي ٿو، هوڏانهن جهوڪ شريف ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان قادر  زئور،غلام حسين ملاح،جسقم اڳواڻ حاجي خان جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  سخت نعري بازي ڪئي وئي انھي موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻ چيو ته سنڌي قوم ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال قبول نه ڪندي سڄي سنڌ ڪئنالن خلاف ھڪ آواز آھي وفاق سنڌ مٿان پنھجا فيصلا مڙھڻ بند ڪري،سجاول ۾  قادربخش زنئور ۽ وقارميراڻي پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ سندس پارٽي جا جهنڊا هٿن ۾  کڻي سجاول شهر جي نيشنل بينڪ کان پيادل ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ تائين مظاهرو ڪيو ويو ۽  سنڌو  تي ڪئنالن، ڊيمن ٺاهڻ ۽ سنڌ جي زمينن جي والار خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  سنڌ جون زمينون اڳ ۾ سوڪڙ جو شڪار آهن ٻيو وري درياء تي 6 ڪئنال ٺهيا ته سنڌ جي عوام کي وڌيڪ نقصان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.