ڪراچي (رپورٽر) مختلف سياسي جماعتن، وڪيلن، مزدور ۽ صحافي اڳواڻن وفاقي حڪومت طرفان آزاد صحافت، شهرين جي آزاديءَ جي اظهار ختم ڪندڙ پيڪا ايڪٽ کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور تي صحافت جي آزادي خلاف پيڪا سميت لاڳو ٻيا قانون ختم ڪري، ڪوڙين خبرن جي آڙ ۾ صحافين ۽ ميڊيا ادارن خلاف انتقامي ڪارروايون ختم ڪيون وڃن، مخالف ڌر جون سياسي تنظيمون اهو عهد ڪن ته هو جڏهن به اقتدار ۾ اينديون ته هو پيڪا ايڪٽ کي ختم ڪنديون وڃن، صحافتي ادارن جي مالڪن طرفان صحافين جون ڇانٽيون بند ڪري کين وقت سر پگهارون ادا ڪيون وڃن، اهي قراردادون ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب طرفان ” صحافت، پارليامينٽ، ڪورٽون” جي موضوع تي پيڪا ايڪٽ خلاف منعقد ڪيل ڪنوينشن ۾ گڏيل نموني پاس ڪيون ويون، ان موقعي تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پي پي پي اڳواڻ رضا رباني تقرير ڪندي چيو ته پيڪا ايڪٽ هڪ ڪارو قانون آهي، جيڪو آزاد صحافت، سوشل ميڊيا ۽ عام شهرين جي اظهار جي آزاديءَ کي ختم ڪندو، هن چيو ته پيڪا ايڪٽ سڀ کان وڌيڪ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول ڪندو ۽ پارليامينٽ، ڪورٽن، ميڊيا تي پابندين سان ملڪ ڪمزور ٿيندو، جيڪو بحران حڪومت پاڻ پيدا ڪيو آهي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته قانون ٺاهڻ لاءِ صحافي تنظيمن ۽ ٻين سان ڳالهيون ۽ صلاحون ڪري پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪري بهتر قانون پاس ڪري سگهجي ٿو ۽ پارليامينٽ ۾ فوري طور موجوده پاس ڪيل پيڪا ايڪٽ کي ختم ڪيو وڃي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم عادل شيخ چيو ته ملڪ ۾ آئين ٽٽي چڪو آهي، پيڪا ايڪٽ کان اول به سوشل ميڊيا تي ادارن قبضو ڪري ڇڏيو هو، پيڪا ايڪٽ خلاف جنگ رڳو صحافين جي اڪيلي سر جنگ نه آهي، پر اها سڀني جي گڏيل جنگ آهي، جيڪڏهن آزاد پريس جو خاتمو ٿي ويو ته پوءِ سياستدانن، وڪيلن، پارليامينٽ جو آواز ٻاهر ڪيئن ايندو ۽ هاڻي جمهوريت ۽ آزاد صحافت جي دشمنن سان آخري جنگ وڙهي وڃي، نامور صحافي مظهر عباس چيو ته پيڪا ايڪٽ هڪ مارشلا آهي، پيڪا سميت سمورا آزاد صحافت وارا قانون ۽ آرڊيننس پاڪستان ۾ آزاد صحافت کي وڌڻ کان روڪڻ ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لاڳو ٿيندا رهيا آهن، جن پيڪا ايڪٽ لاڳو ڪيو آهي، انهن کي سڀ خبر آهي ته اهو ڇو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ان جا مخالف آهن، انهن کي ان جي مڪمل ڄاڻ نه آهي، پنهنجي من پسند اخبارن کي خبرن وارا اشتهار ڏنا ويا آهن، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته ملڪ ۾ مارشلا لڳي چڪي آهي، ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم فوجي سربراهه خود پاڻ آهي، پرڏيهي وزارت ۽ ٻيا عهدا سول حڪمرانن وٽ نه آهن، پيپلزپارٽي بلوچستان ۾ بلوچن جو قاتل وزير اعلي مقرر ڪيو آهي ۽ هڪ دفعو وري بلوچستان ڏانهن ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ورجايو ويو آهي، پيڪا قانون خلاف سڀني کي گڏجي ويڙهه ڪرڻي پوندي، وڪيل اڳواڻ صلاح الدين چيو ته پيڪا ايڪٽ کان پوءِ اظهار جي آزادي جي روڪٿام ۽ انتقام وٺڻ لاءِ ڳجهن ادارن جي هٿ ۾ اچي وئي آهي، پيڪا عام شهرين جي اظهار جي آزادي ۽ پريس جي آزاديءَ خلاف هڪ دهشتگردي آهي ۽ صحافت پريس رليز تائين محدود ٿي ويندي، متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طحه احمد چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه آزاد صحافت لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پيڪا ايڪٽ کي نرم بڻائڻ ۾ متحده اهم ڪردار ادا ڪيو، ان موقعي تي عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ يونس بنيري، فنڪشنل ليگ جي سائرہ بانو، بار جي اڳواڻ وڪيل جي ايم ڪورائي، جماعت اسلامي جي مسلم پرويز، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سھيل افضل ۽ ٻين خطاب ڪندي پائيدار حقيقي جمهوريت جي قيام لاءِ آزاد پارليامينٽ، آزاد عدالت ۽ آزاد صحافت کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته پيڪا ايڪٽ کي رياست جي اهم ٿنڀن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي آڏو وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ان جي فوري ختم ڪيو وڃي.