سڄي ملڪ ۾ 3 مارچ تي بينڪون بند هونديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ جي ٻئي ڏينهن (3 مارچ) تي سڄي ملڪ جي بينڪن ۾ عام موڪل هوندي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب سومر تي بينڪون زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بند هونديون.
واضح رهي ته رمضان المبارڪ جي شروعات تي بينڪن ۾ زڪوات ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، جنهن سبب بينڪون روز مرهه جي ڏيتي ليتي ناهن ڪنديون.
اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ملازم معمول موجب ڪم لاءِ آفيسن ۾ اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.