ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي توانائي ۽ پبلڪ هيلٿ واري وزير سيد ناصر حسين تقرير دوران زبان ترڪي وئي.
ٽنڊو ڄام ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته فارم 45 ۽ فارم 47 بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پيپلز پارٽي جا جيترا ماڻهو هتي ويٺا آهن، اهي سڀ فارم 47 وارا آهن.
ان موقعي تي سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ناصر حسين شاهه جي غلطيءَ تي سان وضاحت پيش ڪئي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته جئين ناصر شاهه چيو ته اسان فارم 47 وارا ناهيون، پر اسان فارم 45 وارا آهيون.