اسلام آباد ( بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايف آءِ اي ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ عبدالقادر پٽيل سوال اٿاريو ته جعلسازي ذريعي بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا، اسلام آباد کان ڪوريئر ذريعي منشيات ڪراچي موڪلي وئي، ڊارڪ ويب تي هٿيارن جي خريد و فروخت ڪيئن ٿي؟، عبدالقادر پٽيل چيو ته چيو پيو وڃي ته 22 سالن جو ڇوڪرو اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڪري رهيو هو، سمجهه کان ٻاهر آهي ته 22 سالن جو ڇوڪرو بغير ڪنهن سهڪار جي اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڪري رهيو هو، ڪميٽي ميمبر آغا رفيع الله الزام هنيو ته مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ جوابدار خلاف جاچ ٽيم ۾ سندس مائٽ به شامل آهن، آغا رفيع الله چيو ته مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ 500 کان وڌيڪ ليپ ٽاپ هيڏي هوڏي ڪيا ويا، ڪيس سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪردار ملڪ مان ڀڄي ويا آهن، گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته ان ڪيس تي ڪراچي ۾ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي ته بهتر ٿيندو، رابطا ڪميٽي راجا خرم شهزاد چيو ته جڏهن توهان گهرو وزير کان پڇو ته چيو ويندو آهي ته هو وزير اعظم آفيس ۾ آهي، اهي معلوم ڪندا ته گهرو وزير وزير اعظم آفيس ۾ آهي.يا نه، جيڪڏهن گهرو وزير، وزير اعظم هائوس ۾ ناهي ته پوءِ ڪميٽي ڪارروائي ڪندي، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.
ارمغان جي گهران 2 ارب رپين جون ڪرپٽو مائننگ مشينون هٿ
ڪراچي (م ڊ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ارمغان جي جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. جاچ عملدارن موجب جوابدار جي ڊفينس واري گهر مان ڪرپٽو ڪرنسي جون 2 مائننگ مشينون هٿ آيون، هٿ آيل مشينن جي پاڪستان ۾ قيمت 2 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. جوابدار غيرقانوني ڪال سينٽر جي ڪمائي کي آمريڪا ۾ سئوٽ کي موڪليندو هو، جوابدار جو سئوٽ آمريڪي ڊالر جو ڊجيٽل اڪائونٽ رکي ٿو.
مصطفيٰ عامر جي قتل کان اڳ عدالت پيش ٿيڻ جو انڪشاف
ڪراچي (م ڊ) اينٽي نارڪوٽڪس ڪورٽ مقتول مصطفيٰ عامر جو نالو منشيات ڪيس مان ڪڍي ڇڏيو. جاچ آفيسر رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ته مصطفيٰ عامر لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ آخري ڀيرو قتل ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ 6 جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيو هو.