اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ لاءِ وڌيڪ پنجن ججن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰٰ آفريدي جي صدارت ۾ جڊڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آئيني بينچ ۾ ججن جي واڌ بابت غور ڪيو ويو.
جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ پنجن نون ججن جي مقرريءَ جي منظوري ڏني، جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس عامر فاروق، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس اشتيـاق ابراهيم خان ۽ جسٽس صلاح الدين پنھور کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪيو ويو.
نون ججن مان ٻن جو تعلق خيبرپختونخوا، جڏهن ته بلوچستان، سنڌ ۽ اسلام آباد مان هڪ، هڪ جج شامل آهي.
پنجن نون ججن جي واڌ بعد سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ججن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو.
ذريعن موجب، ججن جي مقرريءَ بابت فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيو، جڏهن ته جسٽس مـنيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن علي ظفر ۽ بئريسٽر گوهـر ان جي مخالفت ڪئي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ ميمبرن جو موقف هو ته سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي آئيني بينچ جو حصو بڻايو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بينچ ۾ پنج نون ججن جي شموليت جي تجويز آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين پيش ڪئي.
پي ٽي آءِ طرفان آئيني بينچ ۾ ججن جي شموليت لاءِ هڪ واضع طريقيڪار طئي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ جو موقف هو ته بينچ ۾ ڪهڙا جج شامل ڪيا وڃن، اهو اختيار صرف بينچ جي سربراهه وٽ نه هجڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like