تاريخ جو سگهارو ترين اي آءِ ماڊل چيٽ جي پي ٽي 4.5 متعارف، ڪم ڪيئن ڪندو؟

اوپن اي آءِ پنهنجو طاقتور ترين هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ماڊل چيٽ جي پي ٽي 4.5 متعارف ڪرائي ڇڏيو.
هي نئون اي آءِ ماڊل مختلف قسمن جي ڪمن ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
هي نئون ماڊل هاڻي چيٽ جي پي ٽي تي موجود آهي، پر ان جي استعمال لاءِ پرو سبسڪرپشن گهربل هوندي، جنهن لاءِ واهپيدارن کي ماهوار 200 ڊالر فيس ادا ڪرڻي پوندي.
ڪمپني موجب، ماڊل کي ريسرچ پري ويو طور پيش ڪيو ويو آهي، يعني ماڊل تي اڃا وڌيڪ ڪم جاري آهي.
هي ماڊل واهپيدارن جي انڪوائري کي سمجھڻ ۾ اڳوڻن ماڊلز کان وڌيڪ تيز هوندو.
ان کانسواءِ ماڊل ۾ سماجي اشارن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت هوندي، جنهن سبب ڳالهه ٻولهه وڌيڪ فطري محسوس ٿيندي.
واهپيدارن گفتگو دوران حقيقي فرد سان ڳالهائڻ جو احساس ٿيندو.
اوپن اي آءِ جي سي اي او سام آلٽمين چيو آهي ت هي پهريون اي آءِ ماڊل آهي، جنهن سان ڳالهائڻ وقت محسوس ٿيندو ته توهان کي ذهين فرد سان مخاطب آهيو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته ماڊل جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ واهپيدارن جي موٽ اهم ثابت ٿيندي، جڏهن ته جلد ئي هن ماڊل کي چيٽ جي پي ٽي پلس وارن لاءِ پڻ متعارف ڪرايو ويندو.
اوپن اي آءِ اعتراف ڪيو ته جيتوڻيڪ ماڊل بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، پر اڃا تائين خودمختيار سوچ جي صلاحيت نٿو رکي، پر ان باوجود اهو اشارن کي سمجهڻ ۾ اڳوڻن ماڊلز کان وڌيڪ تيز هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.