اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ هئڻ آمريڪا جو اندروني معاملو آهي، جنهن تي پاڪستان جو ڪوبه موقف ناهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، صدر الهام عليوف جي دعوت تي آذربائيجان جو دورو ڪيو، وزيراعظم، صدر شوڪت ميرزايوف جي دعوت تي ازبڪستان جو دورو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اسحاق ڊار غزا والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت سنجيده خدشن جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيني پرڏيهي وزير ۽ نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان به ملاقات ڪئي.
هن چيو ته آءِ اِي اي اِي جي ڊي جي رافائيل ماريانوگروسي پاڪستان جو دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ابوظهبي جي ولي عهد پاڪستان جو دورو ڪيو، شيخ خالد بن محمد جو پاڪستان جو پهريون دورو هو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ هئڻ آمريڪا جو اندروني معاملو آهي، جنهن تي پاڪستان جو ڪوبه موقف ناهي.
شفقت علي خان چيو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي جديد هٿيار دهشتگرد استعمال ڪري رهيا آهن، آمريڪي هٿيار پاڪستان اندر دهشتگردي لاءِ استعمال ٿين پيا، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن بابت خدشا آهن.
You might also like