50 سيڪنڊن ۾ 5 ڪروڙ رپيا ڪمائيندڙ ڀارتي اداڪارا کي ڄاڻيو ٿا؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سائوٿ انڊين انڊسٽري سان واسطو رکندڙ نينٿارا اها اداڪارا آهي، جيڪا ڪجهه سيڪنڊن جو ڪروڙين رپيا معاوضو وٺندي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب نينٿارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٽي وي تي ميزباني سان ڪئي، جنهن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هوءِ وڏي پردي تي اچي وئي.
نينٿارا هندي، تامل ۽ تيلگو جي 75 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو، جنهن مان ڪجهه فلمون هٽ به ٿيون.
ميڊيا رپورٽن موجب نينٿارا پنهنجي اداڪاري جي شروعات مليالم فلم ماناسيناڪري سان ڪئي، جيڪا باڪس آفيس تي هٽ ٿي، ان کانسواءِ هن چندر مکي، گجني ۽ باڊي گارڊ جهڙين ڪيترن ئي هٽ ۽ بلاڪ باسٽر فلمن ۾ به ڪم ڪيو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا سيٽلائيٽ ڊس ڪنيڪشن جي اشتهار لاءِ رڳو 50 سيڪنڊن جي نمائش جا 5 ڪروڙ رپيا ورتا، جڏهن ته اها دعويٰ به ڪئي وئي آهي ته اداڪارا فلم جو 10 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندي آهي.
رپورٽن موجب هوءَ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن مان هڪ آهي ۽ ان جي ڪل ماليت 200 ڪروڙ رپيا آهي، وٽس هڪ پرائيويٽ جيٽ به آهي، جنهن جي قيمت 50 ڪروڙ رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.