راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي داخلي رستي تان هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي داخلي رستي سان گرفتار شڪي شخص بابت پوليس اختيارين ٻڌايو ته ان جي سڃاڻپ راجا عزران جي نالي سان ٿي آهي.
شڪي شخص ملڪ فيصل مشتاق نالي شخص جي ڪارڊ تي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪري لاڳاپيل ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ان شخص جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڄ پاڪستان ۽ بنگلاديش جو مقابلو ٿيڻو هو پر برسات سبب ميچ نه ٿي سگهي.
You might also like