”ڊيلرز جي مرضي بنا پيٽروليم شين جا اگهه ڊي ريگوليٽ نه ڪيا ويندا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وزارت جي اختيارين واضح ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن جي ڊي ريگوليشن تي اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿيندو.
مصطفيٰ محمود جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي ڊي ريگوليشن پاليسي ۽ ڊيلرز جي خدشن جو معاملو غور هيٺ آيو.
ڪميٽي ميمبرن چيو ته پيٽروليم ڊيلرز کي خدشا آهن، انهن کي گهرايو وڃي، وزارت جي اختيارين چيو ته ڊي ريگوليشن تي اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
اوگر اچيئرمين چيو ته پيٽرول ڊيلرز طرفان هڙتال جي اپيل غلط فهمي جو نتيجو آهي، ڊيلرز کي خطرو آهي ته آئل ڪمپنيون کين مارجن نه ڏينديون.
اختيارين چيو ته حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن کي ڊيلرز جي مرضي بنا ڊي ريگوليٽ نه ڪندي.
ڪميٽي پيٽروليم شين جا اگهه ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي تجويز تي ڊيلرز کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.