ڀارت ۾ راتورات سوين عورتون ۽ مرد گنجا ٿيڻ جو ڇرڪائيندڙ سبب سامهون اچي ويو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل مهيني سوين عورتون ۽ مرد رتورات گنجا ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا هئا ۽ جاچ ۾ حيران ڪندڙ سبب سامهون آيو آهي.
گذريل مهيني ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ضلعي بلڍانا جي ڪيترين ئي ٻهراڙين ۾ هڪ انوکو واقعو سامهون آيو هو، جنهن ۾ سوين ماڻهن جا وار راتورات لهي ويا هئا، گنجي ٿيندڙن ۾ هر عمر جي ماڻهن سميت عورتون به شامل هيون.
ڀارتي ميڊيا موجب جڏهن ماهرن جاچ ڪئي ته اهڙو انڪشاف سامهون آيو، جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته راتورات گنجو ٿيڻ جو سبب ڪا پراسرار بيماري نه پر پنجاب ۽ هريانا رياست مان سپلاءِ ٿيندڙ اٽو هو.
ڊاڪٽرن موجب ڄاڻايل اٽي ۾ سلينيم جي موجودگي حقيقت ۾ وار ڇڻڻ جو سبب بڻجي رهي آهي، سلينيم مٽي ۾ موجود معدنيات مان هڪ آهي، جيڪا قدرتي طور تي پاڻي ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جي شين ۾ به ظاهر ٿي ويندي آهي.
ڊاڪٽرن چيو ته ان جو سبب پنجاب ۽ هريانا رياست مان گهرايل ڪڻڪ آهي، جنهن ۾ سلينيم جو مقدار وڌيڪ هو ۽ اٽي جي استعمال سان ماڻهو متاثر ٿيڻ لڳا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.