ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل هر جهيڙي کانپوءِ زال ڌناشري ورما طرفان انوکي فرمائش بابت انڪشاف ڪيو آهي.
واضح رهي ته يوزويندر چاهل ۽ ڌناشري ورما ڊسمبر 2020 ۾ شادي ڪئي، پر ڊگهي عرصي ٻنهي جي طلاق بابت افواهون گردش ڪري رهيا آهن.
جوڙو سوشل ميڊيا تي اڪثر مبهم پوسٽون ڪندو رهي ٿو. تازو ئي هڪ پراڻي وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چاهل ٻڌائي رهيو آهي ته ڌناشري هر جهيڙي کانپوءِ ”هيرا“ گهري ٿي.
وڊيو ڀارتي ٽي وي شو ”جھلڪ دکھلاجا “ جي يارهين سيزن جي آهي، جتي ميزبانن ٻنهي جي وچ ۾ دلچسپ مقابلو ڪرايو.
مقابلي دوران ٻنهي کي واري واري سان پلي ڪارڊ تي لکيل لفظ کي ڏهن سيڪنڊن ۾ اشاري سان سمجهڻ جو چئلينج ڏنو ويو.
جڏهن ڌناشري جو وارو آيو ته پلي ڪارڊ تي ”ڊائمنڊ“ لکيل هو، جنهن تي چاهل پنهنجي زال کي چيو ته ”هي لفظ اهو ئي آهي، جيڪو تون هر وقت مون کان گهرندي آهين.“
ان تي ڌناشري چيو ته ”مان ڇا گهران ٿي؟“ جنهن ته چاهل جواب ڏيندي چيو ته ” اهو ئي، جيڪو تون هر جهيڙي کان پوءِ گهرندي آهين.“
ان تي ڌناشري وراڻيو ”مان ته هر جهيڙي کان پوءِ معافي گهرندي آهيان.“
جوڙو مقرر وقت تي لفظ نه سمجهي سگهيو ۽ مقابلو هارائي ويو، پوءِ جڏهن ڌناشري کي لفظ جي خبر پئي ته هوءَ سنگ رهجي وئي ۽ چاهل کان پڇيو” مون ڪڏهن توکان هيرا گهريا؟“
You might also like