ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس، اي ٽي سي کي بنا رنڊڪ ڪيس هلائڻ جي هدايت

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري هاءِ پروفائل ڪيس جون هاءِ ڪورٽ بينچ ۽ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڌار ڌار ٻڌڻيون ٿيون. ٻنهي ٻڌڻين  کان پوءِ فريادي ڌر جي وڪيل راحيل حسين عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضمانتن واري ڪيس ۾ عدالت پاران ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن ۾ وڪيلن پاران دليل ڏنا ويا جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بينچ ۾ ٻن  ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف داخل ڪيل پٽيشن جي پڻ ٻڌڻي ٿي آهي ٻنهي عدالتن ۾ ڪيسن جون ٻڌڻيون 5 مارچ ۽ 10 مارچ تي مقرر ڪيون ويون آهن هن چيو ته هاءِ ڪورٽ واضع هدايتون جاري ڪيون اهن ته اي ٽي سي عدالت پنهنجو ڪيس هلائي فيصلو ڪري سگھي ٿي ان  ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي ، هن چيو ته اُميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻين ۾ ضمانتن ۽ ٻن ايف آءِ آر جي حوالي سان فيصلا اچي ويندا، ٻئي طرف پير عمر جان سرهندي جي وڪيل ڪامران ڀٽي چيو ته ايف آءِ اي ۽ پوليس پاران ڌار ڌار ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف اسان جي  هاءِ ڪورٽ  ۾ پٽيشن داخل ڪيل آهي جنهن جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي رکي وئي آهي جنهن ۾ وڌيڪ دليل ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.