ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڪمپنين کي رمضان ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو چيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو سان ڳالهيون جاري آهن، انهن کي رمضان ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو چيو آهي.
هن چيو ته جتي بل ادا ناهي ڪيو ويندو، اتي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي پر اسان چيو آهي ته رمضان ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي پريشاني نه ٿئي.
You might also like